اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) احتساب عدالت توشه خانه ڪيس ۾ نيب طرفان اڳوڻي پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڌيڪ جسماني ريمانڊ جي استدعا کي رد ڪري ڇڏيو. احتساب عدالت اسلام آباد جي جج محمد بشير اڊيالا جيل ۾ ٻڌڻي ڪئي.اڳوڻي پي ٽي آءِ چيئرمين کي ٻن ڏينهن جو جسماني ريمانڊ مڪمل ٿيڻ تي اڄ ٻيهر احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. ان موقعي تي نيب جي ٽيم جسماني ريمانڊ دوران ٿيندڙ اڳڀرائي جي باري ۾ عدالت کي آگاهه ڪيو.ٻڌڻي دوران نيب طرفان پي ٽي آءِ باني جي 3 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ جي استدعا ڪئي وئي. عدالت نيب طرفان جسماني ريمانڊ جي استدعا رد ڪندي اڳوڻي پي ٽي آءِ چيئرمين کي 14 ڏينهن جي لاءِ جوڊيشل ريمانڊ تي جيل اماڻي ڇڏيو. ياد رهي ته گذريل ٻڌڻي تي احتساب عدالت اڳوڻي وزيراعظم جو ٻن ڏينهن جو جسماني ريمانڊ منظور ڪيو هو.










