ڪڏهن به نام نهاد لداخ يونين ٽيريٽري کي تسليم نه ڪيو: چين

ڪڏهن به نام نهاد لداخ يونين ٽيريٽري کي تسليم نه ڪيو: چين

بينجنگ(ويب ڊيسڪ)چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان جو چوڻ آهي ته چين ڪڏهن به لداخ يونين ٽيريٽري کي تسليم ناهي ڪيو.چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان مائو ننگ چيو آهي ته ڀارت هڪ طرفي ۽ غير قانوني طور لداخ يونين ٽيريٽري قائم ڪري ڇڏيو آهي.هندستاني سرحد جو الهندو حصو هميشه چين جي قبضي ۾ رهيو آهي، ڀارتي عدالت جو فيصلو ان حقيقت کي تبديل نٿو ڪري سگهي.ٻئي طرف ترڪي به ڀارتي سپريم ڪورٽ جي 11 ڊسمبر تي ڏنل فيصلي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڪشمير مسئلو ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڇڪتاڻ جو سبب بڻجي رهيو آهي، ڪشمير مسئلو عالمي قانونن، گڏيل قومن جي ٺهرائن ۽ ڳالهين ذريعي حل ٿيڻ گهرجي. .

پهنجو تبصرو موڪليو