تاحيات نااهلي متعلق درخواستون گڏ ٻڌڻ جو حڪم

تاحيات نااهلي متعلق درخواستون گڏ ٻڌڻ جو حڪم

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سپريم ڪورٽ آئين جي آرٽيڪل 62 ون ايف تحت تاحيات نااهلي بابت داخل درخواستون ٻڌڻ جو فيصلو ڪيو آهي.سپريم ڪورٽ مير بادشاه قيصراني جي تاحيات نااهلي بابت ڪيس ۾ لکت ۾ حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي.حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته نااهلي جي مدي بابت پڇا ڳاڇا ڪندڙ سمورا ڪيس جنوري 2024ع جي شروعات ۾ مقرر ڪيا وڃن، ڪيس جي التوا کي اليڪشن ۾ دير ڪرڻ لاءِ استعمال نه ڪيو ويندو.عدالتي حڪم موجب ايڊيشنل اٽارني جنرل نشاندهي ڪئي ته آئيني سوال تي ٻڌل ڪيس لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 5 رڪني بينچ ضروري آهي، ڪيس ڪميٽي جي قائم ڪيل بينچ آڏو مقرر ڪيو وڃي.عدالتي حڪم موجب 2008ع جي عام چونڊن ۾ وڙهڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ تعليمي قابليت گريجوئيشن هئي، ڪجهه اميدوارن جعلي ڊگريون جمع ڪرايون جنهن تي کين نااهلي ۽ ڏنڊن کي منهن ڏيڻو پيو.سپريم ڪورٽ جي حڪم ۾ چيو ويو آهي ته درخواستگذار کي عمر قيد جي سزا سان گڏ 2 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي، 2 سالن جي سزا خلاف اپيل لاهور هاءِ ڪورٽ ملتان بينچ ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي، درخواستگذار موجب ڪوڙو حلف نامو جمع ڪرائڻ تي درخواستگذار کي 2 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي. آرٽيڪل 62 ون ايف تاحيات نااهل آهي.حڪم ۾ چيو ويو آهي ته درخواستگذار جي اليڪشن ايڪٽ 2017 جي سيڪشن 232 (2) تحت نااهلي جي مدت 5 سال آهي.درخواستگذار موجب اليڪشن ايڪٽ 2017 ۾ 26 جون 2023 تي ترميم ڪئي وئي، جڏهن اليڪشن ايڪٽ جي ان سيڪشن کي چئلينج ڪرڻ بابت پڇيو ويو ته وڪيلن لاعلمي جو اظهار ڪيو.عدالتي حڪم ۾ سمورن وڪيلن جو چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ جي حڪم ۽ اليڪشن ايڪٽ سان ايندڙ عام چونڊن ۾ غير ضروري مونجهارو پيدا ٿيندو.وڪيلن جو چوڻ هو ته نااهلي جي مدت مقرر ڪرڻ بابت عدالت جو فيصلو عام چونڊن کان اڳ ضروري آهي، غير يقيني واري صورتحال سبب اليڪشن ٽربيونلز ۽ عدالتن ۾ ڪيسن جو بار وڌندو.حڪم نامي ۾ ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو آهي ته آئين جي تشريح لاءِ 5 رڪني لارجر بينچ هجڻ گهرجي، پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ تحت آئين جي تشريح ڪئي وڃي. ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته اهو معاملو صوبائي اسيمبلين جي چونڊن تي به اثرانداز ٿي سگهي ٿو.حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن، اٽارني جنرل ۽ سمورن صوبائي ايڊووڪيٽ جنرلز کي نوٽيس جاري ڪيا وڃن، عوام جي سهولت لاءِ اهم انگريزي ۽ اردو اخبارن ۾ به نوٽيس جاري ڪيا وڃن.8 فيبروري تي ٿيندڙ چونڊون ملتوي ڪرڻ لاءِ اپيلون ۽ سوال استعمال نه ڪيا ويندا.واضح رهي ته سپريم ڪورٽ 11 ڊسمبر تي تاحيات نااهلي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو