غزه (ويب ڊيسڪ)غزه ۾ اسرائيلي فوج جي بمباري سبب وڌيڪ 200 فلسطيني شهيد ٿي ويا.سڌ سماءَ وارن ذريعن موجب شهيدن جو انگ 18 هزار 200 ٿي ويو آهي جڏهن ته 50 هزار زخمي آهن.رپورٽن مطابق اسرائيلي فوج غزه مان به درجنين ماڻهن کي اغوا ڪري ورتو آهي.ٻئي طرف القسام برگيڊ جي ترجمان جو چوڻ آهي ته هنن تل ابيب کي ميزائلن سان نشانو بڻايو آهي.اهڙي طرح خان يونس جي اترين محاذ تي ٻن اسرائيلي ٽينڪن کي راڪيٽ سان نشانو بڻايو ويو، جنهن جي وڊيو پڻ جاري ڪئي وئي آهي.










