مونس الاهي خلاف ايف آءِ اي جي اپيل ٻڌڻي لاءِ مقرر

مونس الاهي خلاف ايف آءِ اي جي اپيل ٻڌڻي لاءِ مقرر

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سپريم ڪورٽ تحريڪ انصاف اڳواڻ منيس الاهي خلاف ايف آءِ اي جي اپيل ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي آهي.جسٽس سردار طارق جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ 15 ڊسمبر تي ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي. جسٽس يحيٰ آفريدي ۽ جسٽس عائشه به بينچ جو حصو هوندا. ايف آءِ اي مونس الاهي تي داخل ايف آءِ آر ڪالعدم قرار ڏيڻ واري فيصلي خلاف اپيل داخل ڪري ڇڏي آهي.سپريم ڪورٽ ڊپٽي اٽارني جنرل کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي.اسپيشل جج سينٽرل لاهور مونس الاهي خلاف ايف آءِ اي جو ڪيس خارج ڪري ڇڏيو هو جڏهن ته لاهور هاءِ ڪورٽ به ايف آءِ آر ڪالعدم قرار ڏيڻ جو فيصلو برقرار رکيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو