مردان (ويب ڊيسڪ)مردان جي جڊيشل مئجسٽريٽ عطا الرحمان اڳوڻي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر کي جيل موڪلڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر کي مردان جي جڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.عدالت اسد قيصر جي جسماني رمانڊ تي پوليس جي درخواست رد ڪري ڇڏي. پوليس عدالت کي ٻڌايو ته اسد قيصر خلاف 9 مئي تي ڀڃ ڊاهه واري واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.










