راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)احتساب عدالت القادر ٽرسٽ ۽ 190 ملين پائونڊ اسڪينڊل ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڌيڪ جسماني رمانڊ جي درخواست رد ڪري ڇڏي. اڊيالا جيل ۾ القادر پراپرٽي ٽرسٽ ۽ 190 ملين پائونڊ ريفرنس ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.احتساب عدالت جي جج محمد بشير پي ٽي آءِ چيئرمين کي جوڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو.پي ٽي آءِ چيئرمين جي گهر واري بشرا بي بي، ڀيڻ عليما خان ۽ عظميٰ خان به عدالت ۾ موجود هيون.ان کان علاوه نيب پراسيڪيوٽر مظفر عباسي جي سربراهي ۾ 5 رڪني ٽيم به اڊيالا جيل پهتي، جنهن ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر ميان عمر نديم، عبدالستار، عرفان ۽ تنوير شامل هئا.










