اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جنرل رٽائرڊ قمر جاويد باجوا ۽ جنرل رٽائرڊ فيض حميد خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي درخواست 28 نومبر تي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪئي وئي آهي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ رجسٽرار آفيس ڪاز لسٽ جاري ڪري ڇڏي آهي جنهن موجب شهري پاران جنرل رٽائرڊ باجوه ۽ جنرل رٽائرڊ فيض حميد ۽ ٻين خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي درخواست داخل ڪئي وئي آهي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڪيس داخل ڪرڻ جي درخواست تي ايف آءِ اي، جنرل رٽائرڊ باجوه ۽ جنرل رٽائرڊ فيض حميد کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.چيف جسٽس عامر فاروق شهري عاطف علي جي درخواست تي ٻڌڻي ڪندو.درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي ته ايف آءِ اي کي ڪيس داخل ڪري ڪارروائي جو حڪم ڏنو وڃي.










