اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف غير شرعي نڪاح جو ڪيس فريادي واپس وٺي ڇڏيو آهي. سول جج قدرت الله جي عدالت ۾ ٻڌڻي ٿي، درخواست گذار محمد حنيف پيش ٿي نئين درخواست ڏئي ڇڏي. درخواست ۾ هن لکيو ته هو ٽيڪنيڪل بنياد تي ڪيس واپس وٺڻ چاهي ٿو ۽ داخل ڪيل درخواست تان هٿ کڻي ٿو. عدالت سندس اهڙي درخواست منظور ڪندي ڪيس خارج ڪري ڇڏيو.










