بلديه سانحو: جوابدارن جي گرفتاري بابت رپورٽ جمع

بلديه سانحو: جوابدارن جي گرفتاري بابت رپورٽ جمع

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ پوليس بلديا فيڪٽري قتل ڪيس ۾ مفرور جوابدارن جي گرفتاري بابت رپورٽ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ بلديا فيڪٽري عملدرآمد ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.پوليس پاران عدالت ۾ پيش ڪيل رپورٽ موجب ڪجهه مفرور جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، وڌيڪ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪوششون جاري آهن. ٻڌڻي دوران نادرا جي وڪيل عدالت ۾ چيو ته پوليس طرفان مفرور جوابدارن جي نامڪمل ڊيٽا فراهم ڪئي وئي آهي، عدالت جوابدارن جا شناختي ڪارڊ نمبر فراهم نه ڪرڻ سبب مفرور جوابدارن جا شناختي ڪارڊ بلاڪ ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. ڪارڊ بلاڪ ڪيو ويو، شناختي ڪارڊ بلاڪ ٿيڻ ناممڪن آهي جيستائين فرار ٿيل جوابدارن جو مڪمل رڪارڊ فراهم نه ڪيو وڃي. عدالت مفرور جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪوششون جاري رکڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو