ايس بِي سِي اِي جي ڊائريڪٽرز ۽ عملي جا شناختي ڪارڊ بلاڪ ڪريو

ايس بِي سِي اِي جي ڊائريڪٽرز ۽ عملي جا شناختي ڪارڊ بلاڪ ڪريو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي ڊائريڪٽرز ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽرز جا شناختي ڪارڊ بلاڪ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي،جسٽس نديم اختر رمارڪس ۾ چيو آهي ته غير قانوني اڏاوتون ڊاهڻ ۽ عدالتي حڪمن تي عمل ٿيڻ تائين آفيسرن جا ڪارڊ بلاڪ رهندا، عدالت اوڀر ۽ سينٽرل ضلعن جي رهائشي علائقن ۾ غير قانوني اڏاوتن خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏنو هو، ايس بِي سِي اِي جي رپورٽ موجب رهائشگي بنگلن جي زمين تي قائم 10 خانگي اسڪول ۽ 39 دڪان سيل ڪيا ويا آهن، عدالت اسڪول جي مالڪن پاران آپريشن روڪڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي، عدالت چيو ته ٻارن جي تعليم بابت غير قانوني اسڪول قائم ڪرڻ وقت سوچيو ها

پهنجو تبصرو موڪليو