اسلام آباد(بيورو رپورٽ)توشه خانه ريفرنس ۾ احتساب عدالت قومي احتساب بيورو (نيب) کي اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جو 30 نومبر تائين بيان رڪارڊ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ آصف زرداري، نواز شريف ۽ يوسف رضا گيلاني خلاف توشه خاني ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.نواز شريف ۽ يوسف رضا گيلاني طرفان وڪيل عدالت ۾ پيش ٿيا، نواز شريف طرفان سندس وڪيل راڻا عرفان ۽ وڪيل قاضي مصباح احتساب عدالت ۾ پيش ٿيا.وڪيل صفي قاضي مصباح چيو ته نيب کي هدايت ڪئي وڃي ته نواز شريف جو بيان رڪارڊ ڪرايو وڃي، جنهن تي جج محمد بشير پڇاڻو ڪيو ته نواز شريف جو بيان رڪارڊ ڪرائڻ ۾ ڪهڙو مسئلو آهي؟ نيب پراسيڪيوٽر چيو ته جاچ آفيسر بيان رڪارڊ ڪرايو، اسان کي ڪو مسئلو ناهي، جنهن تي نواز شريف جي وڪيل قاضي مصباح چيو ته بيان لاءِ سوالنامو ڏيو، جواب جمع ڪرائينداسين.وڪيل قاضي مصباح چيو ته نواز شريف جي غير حاضري تي ريفرنس داخل ڪيو ويو، نواز شريف هاڻي ٻڌڻي ۾ شريڪ ٿيو آهي.احتساب عدالت جي جج محمد بشير نواز شريف جو بيان رڪارڊ ڪرائڻ جي درخواست منظور ڪندي نيب کي 30 نومبر تائين نواز شريف جو بيان رڪارڊ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.










