خان جي درخواست تي جيل سپرنٽنڊنٽ جو عدالت ۾ جواب جمع

خان جي درخواست تي جيل سپرنٽنڊنٽ جو عدالت ۾ جواب جمع

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پي ٽي آءِ چيئرمين جي پٽن سان فون تي ڳالهه ٻولهه نه ڪرڻ تي توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ عدالت جي جج ابوالحسنات ذوالقرنين موڪل تي ٿيڻ سبب سومر تائين ملتوي ڪئي وئي.اڊيالا جيل جي سپرنٽينڊنٽ عدالت ۾ جواب جمع ڪرايو جنهن موجب 18 آڪٽوبر تي پي ٽي آءِ چيئرمين کي سندس ٻارن سان ڳالهائڻ لاءِ خاص قدم کنيا ويا هئا.اڊيالا جيل سپرنٽينڊنٽ عدالت ۾ جمع ڪرايل پنهنجي جواب ۾ چيو آهي ته واٽس اپ تي پرڏيهه ۾ ڳالهائڻ جي سهولت ناهي، عدالت پنجاب جي گهرو کاتي کي حڪم ڏئي سگهي ٿي ته ضابطن ۾ ترميم ڪري.عدالت ۾ جمع ڪرايل جواب موجب جيل جي پي سي او تي قيدين جي وارثن ۽ وڪيلن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. آءِ جي جيل آفيشل سيڪريٽس ايڪٽ جي جوابدارن جي حوالي سان خط جاري ڪيو هو، جنهن ۾ چيو ويو هو ته آفيشل سيڪريٽس ايڪٽ جي جوابدارن کي پي سي او جي سهولت موجود آهي.اڊيالا جيل سپرنٽينڊنٽ عدالت ۾ جمع ڪرايل جواب ۾ استدعا ڪئي آهي ته هو عدالت جي حڪم جي ڀڃڪڙي جو سوچي به نٿو سگهي، منهنجي خلاف توهين عدالت جي درخواست خارج ڪئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو