اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد جي احتساب عدالت اڳوڻي صدر آصف زرداري سميت 19 جوابدارن کي ايندڙ ٻڌڻي تي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو.اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ آصف زرداري ۽ ٻين خلاف پارڪ لين ريفرنس جي ٻڌڻي ٿي.آصف زرداري طرفان نيب پراسيڪيوٽر ۽ وڪيل ارشد تبريز احتساب عدالت ۾ پيش ٿيا.وڪيل صفائي چيو ته معاهدي کان اڳ آصف زرداري پارڪ لين ۾ ڊائريڪٽر نه هو.جج محمد بشير چيو ته هاڻي نوٽيس ڏنو ويو آهي، ايندڙ ٻڌڻي تي تفصيلي دليل ٻڌا ويندا. عدالت آصف زرداري ۽ ٻين کي ٻيهر نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي 20 ڊسمبر تائين ملتوي ڪندي آصف زرداري سميت 19 جوابدارن کي ايندڙ ٻڌڻي تي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو.










