اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ ٻين خلاف ٺٽي واٽر سپلاءِ ريفرنس ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي.اسلام آباد جي احتساب عدالت ٺٽي واٽر سپلاءِ ريفرنس ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري سميت 15 جوابدارن کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو.عدالت اڳوڻي سيڪريٽري اعجاز احمد خان، علي اڪبر، اعجاز ميمڻ، علي اڪبر ابڙو، خواجه عبدالغني مجيد، منهال مجيد ۽ عبدالنديم ڀٽو کي به طلب ڪري ورتو آهي. احتساب عدالت جي جج محمد بشير سمورن جوابدارن کي طلبي جا نوٽيس جاري ڪندي جوابدارن کي 18 ڊسمبر تي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو آهي.










