غزه (ويب ڊيسڪ)اسرائيل غزه ۾ 53 هنڌن تي وڌيڪ 377 فلسطينين جو قتل عام ڪيو.اسرائيل حماس جي هوائي ڪارروائي جي سربراهه سميت ڪيترن ئي ڪارڪنن کي شهيد ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.فلسطيني صحت واري وزارت موجب 7 آڪٽوبر کان جاري بمباري ۾ شهيد ٿيل فلسطينين جو انگ 8 هزار کان وڌي ويو آهي، جڏهن ته 22 هزار ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن.صحت واري وزارت موجب اسرائيلي بمباري ۾ مارجي ويل فلسطينين ۾ اڌ ٻار آهن، اسرائيلي بمباري ۾ 3631 ٻار ۽ 1872 عورتون به شامل آهن.اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو حملن کي آزادي جي ٻي جنگ قرار ڏيندي چيو آهي ته حماس خلاف جنگ مشڪل ۽ ڊگهي هوندي.ٻئي طرف فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس جون جوابي ڪارروائيون به جاري آهن، جنهن ۾ اسرائيلي فوج جون ڪيتريون ئي هٿياربند گاڏيون تباهه ٿي ويون، لبناني تنظيم حزب الله به اسرائيلي فوجين تي حملا ڪيا ۽ صهيوني فوج جون ڪيتريون ئي گاڏيون تباهه ڪري ڇڏيون.حماس جي ترجمان ابو عبيده غزه جي شهرين کي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته فلسطين جي جنگ کي فيصلائتي جنگ سمجهو ۽ اسان سان گڏ اٿو، فتح اسان جي ٿيندي.










