گوجرانوالا (ويب ڊيسڪ)گوجرانوالا جي عدالت ن ليگ اڳواڻ ڪيپٽن (ر) صفدر خلاف بغاوت ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪري ورتو.جڊيشل مئجسٽريٽ فيصل الاسلام ڪيپٽن (ر) صفدر خلاف بغاوت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.عدالت ڌرين جا دليل مڪمل ٿيڻ بعد فيصلو محفوظ ڪري ورتو.واضح رهي ته ڪيپٽن (ر) صفدر خلاف ڪيس 3 آڪٽوبر 2020 تي داخل ڪيو ويو هو، ايف آءِ آر ۾ مٿس اشتعال انگيز تقرير ڪرڻ ۽ ملڪ دشمني ڪرڻ جو الزام آهي.عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيپٽن (ر) صفدر چيو ته ڪيس جو فيصلو اڄ ٿيندو، انتظار ڪري رهيا آهيون.هن چيو ته فيصلو پاڪستان جي عدالتي تاريخ ۾ رڪارڊ بڻجي ويندو.










