پي ٽي آءِ چيئرمين جي ٽرائل روڪڻ واري درخواست رد

پي ٽي آءِ چيئرمين جي ٽرائل روڪڻ واري درخواست رد

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي چيئرمين عمران خان جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ٽرائل روڪڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي.سپريم ڪورٽ جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين کي شفاف ٽرائل جو حق ڏنو وڃي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق پي ٽي آءِ چيئرمين جي فرد جرم جي ڪارروائي خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.پي ٽي آءِ چيئرمين جو وڪيل سلمان صفدر عدالت ۾ پيش ٿيو.عدالت پي ٽي آءِ چيئرمين جي درخواست تي اعتراض ختم ڪندي چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين کي شفاف ٽرائل جو حق ڏنو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو