لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت عسڪري ٽاور حملي ڪيس ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ ڊاڪٽر ياسمين راشد سميت 22 جوابدارن جو ٽرائل رڪارڊ طلب ڪري ورتو آهي.دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج ارشد جاويد عسڪري ٽاور حملي ڪيس ۾ ڊاڪٽر ياسمين راشد سميت 22 جوابدارن جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.پراسيڪيوشن عدالت کي ٻڌايو ته جوابدارن جي ڪيس جو رڪارڊ هاءِ ڪورٽ ۾ آهي.عدالت ڪيس جو رڪارڊ طلب ڪندي ٻڌڻي 24 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.واضح رهي ته ڊاڪٽر ياسمين راشد ۽ صداقت حسين سميت 22 جوابدارن گرفتاري کانپوءِ ضمانتون داخل ڪرايون آهن.عسڪري ٽاور ۾ باهه لڳڻ جو ڪيس گلبرگ ٿاڻي ۾ جوابدارن خلاف داخل ڪيو ويو آهي.










