سنڌ ۾ نوڪرين تي پابندي وارو ڪيس قائم مقام چيف جسٽس حوالي

سنڌ ۾ نوڪرين تي پابندي وارو ڪيس قائم مقام چيف جسٽس حوالي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي سنگل بينچ سنڌ جي مختلف سرڪاري کاتن ۾ گريڊ 1 کان 15 تائين جي نوڪرين تي پابندي بابت درخواست وقتي چيف جسٽس کي موڪليندي ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ثنا اڪرم منهاس جي سربراهي ۾ سنگل بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، ٻڌڻي دوران عدالت چيو ته جسٽس ظفر احمد راجپوت تي ٻڌل بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪري چڪي آهي، ان ڪري معاملو وقتي چيف جسٽس ڏانهن موڪليو وڃي. ملازمن جي ڀرتين بابت هلندڙ حڪم ۾ واڌ ڪندي ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي، سنڌ جي مختلف کاتن ۾ ڀرتين خلاف ايم ڪيو ايم اڳواڻ بئريسٽر فروغ نسيم درخواست داخل ڪرائي آهي، جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته گذريل ڏينهن مقرري جا ليٽر ڏنا ويا ۽ اهو عمل ڏهن ڏينهن تائين قانون جو مذاق بڻيل رهيو.

پهنجو تبصرو موڪليو