ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جلسو گهيراءُ ڪيس ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻن حليم عادل شيخ ۽ راجا اظهر جي ضمانت منظور ڪري ورتي آهي. 9 مئي تي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ فيروز آباد ٿاڻي جي حد ۾ ڌاڙن ۽ باهه لڳڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.عدالت حليم عادل شيخ ۽ راجا اظهر کي هڪ هڪ لک رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. پوليس عدالت کي ٻڌايو ته حليم عادل شيخ ۽ ٻين تي ڌاڙو هڻڻ سميت ڪيترائي الزام آهن. عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 23 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.










