ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ ماڙي جلباڻي واقعي جي جڊيشل انڪوائري ڪرائڻ لاءِ داخل ڪرايل درخواست ٻڌڻيءَ لاءِ منظور ڪري ورتي،جسٽس نعمت ڦلپوٽو جي سربراهيءَ ۾ 2 رڪني بينچ واڳيل ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا،سنڌ بار ڪائونسل جي اڳوڻي وائيس چيئرمين ذوالفقار علي جلباڻي پاران داخل ڪرايل درخواست ۾ چيو ويو آهي ته هاءِ ڪورٽ جي حاضر سروس جج جي سربراهيءَ ۾ عدالتي ڪميشن جوڙي شفاف جاچ ڪرائي وڃي،سنڌ بار ڪائونسل جي اڳوڻي وائيس چيئرمين درخواست ۾ ڳوٺاڻن کي ماريندڙ اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ ۽ گرفتاري جي به استدعا ڪئي آهي










