اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان ۽ سندس گهر واري بشريٰ بيبي خلاف غير شرعي نڪاح ڪيس ۾ عدالت عمران خان کي طلبي جو نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي،ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ اسلام آباد جي سول جج قدرت الله چيئرمين پي ٽي آءِ ۽ بشريٰ بيبي خلاف غير شرعي نڪاح ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي،عدالت پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي 25 سيپٽمبر تي طلب ڪندي کيس نوٽيس به جاري ڪيو آهي،ذريعن موجب عدالت پنهنجي عملي کي اٽڪ جيل سپرنٽنڊٽ جي نالي سان روڪارجاري ڪرڻ جي ڊائريڪشن به ڏني آهي










