لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور هاءِ ڪورٽ پنڊي بينچ عوامي مسلم ليگ جي سربراهه ۽ اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد جي نظربندي بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.لاهور هاءِ ڪورٽ راولپنڊي بينچ شيخ رشيد جي نظربندي خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران شيخ رشيد جو وڪيل ايڊووڪيٽ سردار عبدالرزاق خان عدالت ۾ پيش ٿيو.ٻڌڻي دوران عدالت آر پي او، سي پي او، آءِ جي پنجاب ۽ وفاقي حڪومت کان رپورٽ طلب ڪندي شيخ رشيد جي نظربندي بابت ڌرين کي 22 سيپٽمبر تائين رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.










