اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سپريم ڪورٽ آف پاڪستان هن هفتي لاءِ ججن جو لسٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي.روسٽر چيف جسٽس ۽ ٻن سينيئر ججن جي مشاورت سان جاري ڪيو ويو. چيف جسٽس ۽ ٻن سينيئر ججن تي ٻڌل 5 بينچ جوڙي وئي.بينچ نمبر 1 ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ، جسٽس امين الدين ۽ جسٽس اطهرمن الله شامل آهن جڏهن ته بينچ نمبر 2 ۾ جسٽس سردار طارق ۽ جسٽس مسرت هلالي شامل آهن.بينچ نمبر 3 ۾ جسٽس اعجاز الحسن، جسٽس منيب اختر ۽ جسٽس شاهد وحيد ۽ بينچ نمبر 4 ۾ جسٽس يحيٰ آفريدي، جسٽس مظاهر اڪبر نقوي ۽ جسٽس محمد علي مظهر شامل آهن. بينچ نمبر 5 ۾ جسٽس جمال مندوخيل، جسٽس عائشه ملڪ ۽ جسٽس حسن اظهر رضوي شامل آهن.










