ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي احتساب عدالت پ پ اڳواڻ ڊاڪٽر عاصم حسين ۽ ٻين خلاف 17 ارب رپين جي مبينا ڪرپشن ريفرنس جو سمورو رڪارڊ نيب چيئرمين کي موڪلڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.احتساب عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ 4 سيپٽمبر تي ريفرنس واپس نيب ڏانهن موڪلڻ جو فيصلو ڪيو هو.نيب موجب ڊاڪٽر عاصم ۽ ٻين خلاف گئس جي ٺيڪن ۾ 17 ارب رپين جي ڪرپشن جو الزام آهي.نيب ضابطن ۾ ترميم کانپوءِ جوابدارن احتساب عدالت جي دائري اختيار کي هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو هو.










