ڪراچي (نمائندن وٽان) سموري ملڪ ۾ پي ٽي آءِ ۽ تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي سڏ تي 8 فيبروري جي چونڊن ۾ مينڊيٽ چوري خلاف احتجاج ڪيو پيو وڃي جنهن ملڪ جي اهم شهرن جنهن ۾ پشاور،خيبر سميت ڪي پي صوبي جا اهم شهر بند آهن،ان ئي ڏس ۾ پنجاب ۽ بلوچستان جا شهر پڻ بند آهن،سنڌ جي مختلف شهرن ۾ جنهن سکر،خيرپور،عمرڪوٽ،ڪشمور،ڪنڌ ڪوٽ،ميرپورخاص،نوابشاهه،ميهڙ،دادو،گهوٽڪي سميت سنڌجي اهم شهر بند آهن ٻئي طرف ڪشمور مينڊيٽ چوري ۽ 26 هين ۽ 27 هين آئيني ترميم تي احتجاج، پي ٽي آءِ سميت مختلف سياسي اڳواڻن جو شهر ۾ گشت 8فيبروري 2024 تي ميڊيٽ چوري ۽ 27هين آئيني ترميم خلاف پاڪستان تحريڪِ انصاف اگوڻن ۾ ڊاڪٽر اقرار جکراڻي غلام حيدر کوسو ساجن سولنگي غلام مرتضا سومرو عطر خان مزاري ياسين کوسو عبدالواحد (پي ٽي آءِ) سميت ٻين سياسي پارٽين جي اڳواڻن پاران ڪشمور شهر ۾ احتجاجي گشت ڪيو ويو. احتجاج جي اڳواڻي حضرت ﷲ مزاري، هدايت ﷲ جکراڻي، شاه گل ۽ ميان غلام علي ڪئي. احتجاجي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن شهر جي مختلف علائقن ۾ گشت ڪندي عوام کي ميڊيٽ چوري جي نقصانن ۽ 27هين آئيني ترميم خلاف آگاهي ڏني. ان موقعي تي شهر واسين مڪمل تعاون ڪندي پاڻمرادو دڪان بند ڪري احتجاج ۾ شريڪ ٿيا. شهر واسين جو چوڻ هو ته هو چورن ۽ ڪرپشن خلاف آهن ۽ اهڙين غيرقانوني ڪارروائين کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪندا. اڳواڻن به عوام جي سهڪار کي ساراهيندي چيو ته گڏيل جدوجهد سان ئي ناانصافين جو خاتمو ممڪن آهي،تحريڪ تحفظ آئين جي جي سڏ تي اوٻاوڙو شهر ۾ شٽر بند هڙتال دوران اوٻاوڙو ۾ پوليس ۽ پي ٽي آ۽ ڪارڪنن ۾ جهڙپيون اوٻاوڙو شهر مڪمل طور تي پوليس کلرائي ڇڏيو ,
وارھ ؛
تحفظ ِآئين پاڪستان تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي ڇھويھين ۽ ستاويھين ترميمن خلاف سڄي ملڪ جيئيان وارھ ۾ به شٽر بند هڙتال ڪئي وئي سياسي ڪارڪنن پاران پارٽي جهنڊا هٿن ۾ کڻي شهر جو گشت ڪري ، سخت نعريبازي ڪئي۔ خبر موجب وارھ ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف گڏيل طور تي ۔تحفظ آئين پاڪستان تحريڪ جي اعلانيل مرڪزي سڏ تي سڄي ملڪ جيئيان وارھ ۾ به مڪمل هڙتال رھي۔ شھرين پنھنجا ننڍا وڏا ڪاروباري مرڪز بند ڪري ڇڏيا۔ سياسي ڪارڪنن مظاھرو ڪري فاضل راھو چونڪ تي گڏ ٿي ۔مير مشتاق تونيو ،علي دوست آريجو ۔سعيد احمد قريشي، سنڌي راشد چولياڻي ۽ برهان چانڊيو ۽ ٻين ڳالھائيندي چيو ته ۔تحفظ آئين پاڪستان جي مرڪزي سڏ تي ڇھويهين ۽ ستاويهين ترميم جي خاتمي خلاف 8 فيبروري جي ملڪ گير ھڙتال جي ڏنل ڪال تي ڦيٿا روڪ ۽ شٽر بند هڙتال واري سڏ تي وارھ شھر به مڪمل طور بند رھيو ۔واپارين شھرين دڪاندارن پنهنجو سمورو مرڪزي ڪاروبار بند ڪري ڇڏيو, جنھن ۾ مين بازار، موبائيل مارڪيٽ ،ريشم گلي بازار ، شاھي بازار، ٿاڻو روڊ سميت شھر جا مک ڪاروباري مرڪز بند رھيا,اڳواڻن وڏيڪ چيو تي پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان سميت سڄي ملڪ مان بيگناھ سياسي قيدين کي آزاد ڪيو وڃي۔غير آئيني طور کنڀي گم ڪرڻ بند ٿيڻ گھرجي۔ سڀني صوبن جي معدني وسيلن تي قبضه بند ڪري ۔ھر ھڪ صوبي کي خودمختيار ڪيو ويو وڃي ملڪ اندر شفاف ۽ غيرجانبدار اليڪشن ڪرائي ملڪ مٿان مسلط ٿيل چور ڪرپٽ حڪمرانن مان عوام جي مال ۽ جان ڇڏائڻ لا ملڪ جا سمورا ادار پنھنجون زميواريون آئين ۽ قانون تي عمل ڪرڻ جا پابند ٿين, ھنن وڌيڪ چيو تي ملڪ مٿان ھڪ مافيا قابض آهي, جيڪا ترقي جي راھ ۾ رڪاوٽ بڻيل آهي ۔ھڪ چور دروزاي مان اچي ڪري حڪمراني ڪري رھيا آھن, مسلم ليگ ن پيپلزپارٽي غير آئين ترمين ذريعي سياست ۔صحافت۔ عداليا تي پابندي مڙھي عوام جي آواز کي خاموش ڪرائڻ چاھي ٿي۔ جيڪو عمل سنڌ سميت ملڪ جي عوام کي قبول ناهي, سنڌ جي وحدت خلاف ٿيندڙ سازشن جي زميوار پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ وفاقي سرڪار آهي,










