3 ڏينهن ۾ 60 اسرائيلي فوجي گاڏين کي نشانو بڻايو ويو: القسام

غزه(ويب ڊيسڪ)فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس جي فوجي ونگ القسام برگيڊ 3 ڏينهن ۾ 60 اسرائيلي فوجي گاڏين کي نشانو بڻائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي پر انهن ۾ مارجي ويلن جو انگ واضح ناهي ٿيو.حماس جي فوجي ونگ القسام برگيڊ موجب 3 ڏينهن ۾ 60 اسرائيلي فوجي گاڏين کي نشانو بڻايو ويو. ٻئي طرف حزب الله جو چوڻ آهي ته غزه جي فلسطيني عوام تي جاري اسرائيلي ظلمن جي بدلي ۾ اسرائيلي فوج جي ٺڪاڻن کي ميزائلن سان نشانو بڻايو ويو آهي، جنهن سبب اسرائيلي فوج کي وڏو جاني نقصان ٿيو آهي.حزب الله سرحدي علائقي ۾ اسرائيلي پوزيشن تي راڪيٽ حملن جي هڪ وڊيو پڻ جاري ڪئي، جنهن ۾ راڪيٽ حملن جي تباهي کي ڏيکاريندي.

پهنجو تبصرو موڪليو