16 ڊسمبر 1971ملڪي تاريخ جو ڪارو ڏينهن آهي

16 ڊسمبر 1971ملڪي تاريخ جو ڪارو ڏينهن آهي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ چيو آهي ته 16 ڊسمبر 1971ملڪي تاريخ جو هڪ ڪارو ڏينهن آهي، حڪمرانن جي ضد، انا، ھٺ ڌرمي۽ مفاد پرست پاليسين جي ڪري ملڪ ٽٽو ۽ ”بنگلاديش“ جي صورت ۾ دنيا اندر نئون ملڪ وجود ۾ آيو. هاڻي وري ٻيهر تڪراري ترميمن توڙِي آپي شاهي وارن قدمن ذريعي ساڳيون حالتون پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. لڳي ٿو ته حڪمرانن ۽ مقتدر قوتن ماضي مان سبق ناهي سکيو. صوبائي امير سقوط ڍاڪا جي موقعي تي اڄ هڪ بيان ۾ وڌيڪ چيو ته جعلي اڪثريت ۽ ڏاڍ مُڙسي سان آئيني ترميمن ذريعي عدالتن کي ڪمزور ۽ انصاف جو آخري دروازو به عوام لاءِ بند ڪيو پيو وڃي انڪري حڪمرانن کي ماضي مان سبق سکي قومي وحدت خلاف قدم کڻڻ بدران ملڪ کي متحد رکڻ لاءِ اُپا وٺڻ گهرجن. ياد رهي ته سقوطِ ڍاڪا ملڪ ۾ سياسي عدم استحڪام، معاشي ناانصافي، لساني ۽ ثقافتي اختلافات، سياسي قيادت جي ناڪامي ۽ ملڪ جي سياسي معاملن ۾ حد کان وڌيڪ فوجي مداخلت شامل هئا، جنهن جي نتيجي ۾ مشرقي پاڪستان (بنگله ديش) الڳ ٿي ويو. سياستدانن ۽ فوجي جرنيلن جي غلط فيصلن جو فائدو بنگله ديش جي آزادي واري جنگ ۾ ڀارت مداخلت جي صورت ۾ ورتو ۽ ملڪ ٻه اڌ ٿي ويو. سقوطِ ڍاڪا جو الميو اڄ به اسان کي اهو سبق ڏئي ٿو ته اسين بلوچستان ۽ ڪي پي ۾ ناراض ڀائرن کي ”غدار“ چوڻ بدران انهن سان ڳالهين ذريعي مسئلا حل ڪريون. ناراض بلوچ ڀائرن کي غدار چوڻ وارا حڪمران پاڪستان جي ازلي دشمن ڀارت سان ڳالهايون ڪرڻ لاءِ منٿو پيا ڪن، پر پنهنجن سان ڳالهائڻ لاءِ تيار ڪونه آهن. اسان تي فرض آهي ته ملڪ کي قائد اعظم جي ڏسيل واٽ موجب آئين، دستور ۽ جمهوري قدرن تي عمل ڪري عوام کي انصاف ۽ حق ڏيون ته جيئن پوري قوم دشمن آڏو شيهي جي ڀِتَ بڻجي وڃي.#

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو