ھنڱورجا (رپورٽر) ھنڱورجا ۾ ھڪ ئي ڏينھن ۾ ٻن نوجوانن زھر پي پنھنجي خوبصورت زندگي جو انت آڻي ڇڏيو . شھر م بن نوجوانن جا جنازا کڄڻ تي علائقي ۾ سوڳ. ھڪ ھفتي اندر خودڪشي ڪندڙن جو انگ وڌي 3 ٿي ويو سڄاڻ ڌرين م ڳڻتي جي لھرڇانيل تفصيل موجب ھنڱورجا ۾ ھڪ ڏينھن ۾ بن نوجوانن خودڪشي ڪري ڇڏي.شھر جي ڪوري محلا جو رھواسي نوجوان وسيم والد قربان ڪوري زھريلي دوا پي ڇڏي جنھن کي وارثن گمبٽ گمس اسپتال پھچايو ويو جتي ھو فوت ٿي ويو . فوتي نوجوان جو لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو مرحوم کي ھنڱورجا جي پير بابو قبرستان ۾ دفنايو ويو ٻي پاسي گل شاھ غازي محلا جو رھواسي نوجوان مولوي صبغت الله سھتو ولد محمد پنجل سھتو گوريون کائي ڇڏيون جنھن کي پڻ وارثن گمبٽ گمس اسپتال پھچايو ويو جتي ڊاڪٽرن سندس جي حياتي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي پر نوجوان فوت ٿي ويو مرحوم جو لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو مرحوم کي ھنڱورجا ڀرسان ڳوٺ صوفائي سھتا م اباڻي قبرستان ۾ سپردخاڪ ڪيو ويو آھي جڏنھن ت ھفتو اڳ دوڪاندار عامر سھتو جيڪو پُراسرار نموني گم ٿي ويو ھيو ان جو لاش به روھڙي ڪينال مان ھٿ آيو . ھنڱورجا م ھڪ ھفتي اندر 3 نوجوان آپگھات ڪري چڪا آھن سڄاڻ ڌرين ۾ ڳڻتي جي لھر ڇائنجي وئي آھي اڄوڪي ڏينھن ۾ ٻن نوجوانن جا جنازا سندن گھرن مان نڪرڻ تي علائقي ۾ سوڳ جي لھر ڇائنجي وئي آھي










