ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي گزري علائقي ۾ گهريلو تڪرار دوران هڪ ظالم مڙس پنهنجي زال ۽ ڌيءَ کي قتل ڪري ڇڏيو.ان حوالي سان ڪلفٽن پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار تڪرار دوران پنهنجي زال تي تيز اوزار سان حملو ڪيو. ڌيءَ پنهنجي ماءُ کي بچائڻ لاءِ ويجهو آئي، پر ان دوران ٻئي سخت زخمي ٿي پيا.پوليس موجب، ٻنهي کي اسپتال منتقل ڪيو پيو وڃي، پر ماءُ ۽ ڌيءَ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويون.ڪلفٽن پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار سميع الله کي گرفتار ڪيو ويو آهي. جوابدار پنهنجي زال تي الزام لڳائيندو رهيو، جنهن سبب تڪرار پيدا ٿيو.










