ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اڳوڻي صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا ڪرپشن ڪيس ۾ گرفتاريءَ کان بچڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ مان پڪي ضمانت ڪرائي ورتي آهي،سنڌ هاءِ ڪورٽ آمدني کان وڌيڪ اثاثن ۽ خوراڪ کاتي ۾ ڪرپشن واري ڪيس ۾ مڪيش چاولا ۽ ٻين جي گرفتاريءَ کان اڳ پڪي ضمانت منظور ڪري ورتي، جوابدارن کي هڪ هڪ لک روپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ويو،عدالت پاران نيب جي جاچ آفيسر کان جاچ بابت سڀاڻي تائين تفصيل طلب ڪيا ويا، جاچ آفيسر جاچ مڪمل ڪرڻ لاءِ 10 هفتن جي مهلت گهري ورتي آهي، جسٽس ڪي ڪي آغا جاچ آفيسر کان پڇاڻو ڪندي چيو ته انڪوائري ڪڏهن شروع ٿي هئي ۽ نيب هيل تائين ڇا ڪيو آهي؟ جاچ آفيسر چيو ته سيپٽمبر 2019 ۾ جاچ شروع ڪئي وئي هئي ۽ بينڪس ۽ ٻين آفيسن کان جوابدارن جو ريڪارڊ طلب ڪيو ويو آهي، عدالت رمارڪس ۾ چيو ته جڏهن اسيمبليون بحال هيون تڏهن ڪارروائي ڇو نه ڪئي وئي؟ اهي ڪارروائيون بدنيتي ۽ سياسي مقصدن لاءِ لڳي رهيون آهن، جاچ آفيسر چيو ته ائين نه آهي، ڪو به سياسي معاملو نه آهي، جوابدارن خلاف قانون موجب جاچ ڪئي اٿئون، عدالت چيو ته جلد جاچ ۾ اڳڀرائي رپورٽ پيش ڪيو ته جيئن نيب بدنام نه ٿئي
