اوٻاڙو، روجهان، صادق آباد: (ويب ڊيسڪ) ڪچي جي مختلف علائقن ۾ پوليس ۽ رينجرز جي آپريشن دوران 17 ڌاڙيلن هٿيار ڦٽا ڪيا جڏهن ته هڪ يرغمال کي بچايو ويو.رونتي ڪچي جي علائقي ۾ پوليس ۽ رينجرز جو گڏيل آپريشن جاري آهي، جاري آپريشن دوران هڪ ٻئي يرغمال کي محفوظ طور تي بچايو ويو. بازياب ڪرايل يرغمال جي سڃاڻپ صداقت علي شاهه جي نالي سان ٿي آهي، جيڪو ننڪانه شريف جو رهواسي آهي. پوليس موجب، ڌاڙيل يرغمال جي آزادي لاءِ وارثن کان ڪروڙين رپيا ڀتو جي طلب ڪيو ويو هيو، پوليس ڌاڙيلن جي مڪمل خاتمي ۽ سڀني يرغمالين جي بازيابي تائين رونتي ڪچي جي علائقي ۾ آپريشن جاري رکڻ جو اعلان ڪيو آهي، ڊي پي او رحيم يار خان عرفان سمون موجب صادق آباد جي ڪچي علائقي ۾ ڪوش گينگ جي 5 وڌيڪ ڌاڙيلن هٿيار ڦٽا ڪيا، عرفان سمون چيو ته هٿيار ڦٽا ڪندڙن ۾ منور ڪوش، صوبيدار ڪوش، شملو ڪوش، محب ڪوش ۽ علي نواز ڪوش شامل آهن. جن ماڻهن هٿيار ڦٽا ڪيا انهن سان قانون موجب سلوڪ ڪيو پيو وڃي، پنجاب پوليس ٻن مهينن کان روجهان جي ڪچي علائقي ۾ هڪ گرينڊ آپريشن ڪري رهي آهي. آپريشن دوران ڪچي جي ڏوهارين جي ٺڪاڻن تي جديد ٽيڪنالاجي استعمال ڪندي شيلنگ ڪئي پئي وڃي. پوليس جي حڪمت عملي جي حصي طور، 12 وڌيڪ اعلانيل ڌاڙيل، جن ۾ تنوير انڍهڙ گينگ، بکراڻي گينگ ۽ ٻين گينگ جا ميمبر شامل آهن جن هٿيار ڦٽا ڪيا.هٿيار ڦٽا ڪندڙ ڌاڙيل رحيم يار خان، راجن پور ۽ ٻين شهرن ۾ اغوا براءِ تاوان، قتل، ڦرلٽ ۽ ٻين ڏوهن ۾ گهربل هئا.










