ڪشمير چونڊن ۾ تحريڪ انصاف ميدان ماري ورتو

مظفرآباد (ويب ڊيسڪ) آزاد ڪشمير جي عام چونڊن ۾ تحريڪ انصاف سوڀاري ٿي آهي، نتيجا اچڻ بعد مختلف شهرن ۾ سندن ڪارڪن جشن ملهائيندا رهيا. غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب تحريڪ انصاف 25 سيٽون کٽي حڪومت ٺاهڻ جي پوزيشن ۾ اچي وئي، پيپلز پارٽي 11 ۽ نون ليگ 6 سيٽس تي ڪامياب، مسلم ڪانفرنس ۽ ڄمون ڪشمير پيپلز پارٽي کي هڪ  سيٽ ملي، ايل اي 16 باغ جا نتيجا روڪيا ويا، چئن پولنگ اسٽيشنز تي ٻيهر پولنگ جو فيصلو اڄ ٿيندو.  مٿي ڏنل تصوير ۾ گاڙهو رنگ تحريڪ انصاف جي سيٽن جو تعداد آهي، ڪارو رنگ پيپلزپارٽي، سائو مسلم ليگ (ن)، هيڊو مسلم ڪانفرنس ۽ آسماني ڄمون ڪشمي پي پي جي سيٽن جي نشاندهي ڪن ٿا. هيٺ ڏنل چارٽ ۾ 2016 جي چونڊن ۽ 2021 جي چونڊن ۾ مختلف پارٽين پاران حاصل ڪيل سيٽن جو تفصيل ڏنل آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو