ڀارتي عدالت پاران ڪشمير جي خاص حيثيت ختم ڪرڻ جو فيصلو برقرار

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ)ڀارتي سپريم ڪورٽ والاريل ڪشمير جي خاص حيثيت ختم ڪرڻ خلاف اپيلن تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو هو.ڀارتي سپريم ڪورٽ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي خاص حيثيت ختم ڪرڻ واري ڀارتي حڪومت جي فيصلي کي برقرار رکيو آهي.ڀارتي سپريم ڪورٽ فيصلي ۾ چيو آهي ته والاريل ڪشمير ڀارت جو اٽوٽ حصو آهي، ڪشمير جي ڀارت سان الحاق کانپوءِ اندروني خودمختياري جو عنصر برقرار ناهي رهيو، آرٽيڪل 370 عارضي شق هئي.عدالت حڪم ڏنو ته والاريل ڪشمير ۾ 30 سيپٽمبر 2024ع تائين اسيمبلي جون چونڊون ڪرايون وڃن، ڀارتي صدر کي اختيار آهن، آرٽيڪل 370 ڄمون ۽ ڪشمير جي شموليت کي منجمد نٿو ڪري، ڄمون ۽ ڪشمير اسيمبلي ٺاهڻ جو مستقل باڊي نه ٺاهڻ هو.درخواستگذارن ڀارتي سپريم ڪورٽ کي استدعا ڪئي ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي خاص حيثيت ۽ آرٽيڪل 370 کي بحال ڪيو وڃي. ڀارتي سپريم ڪورٽ 20 کان وڌيڪ درخواستن تي ٻڌڻي کانپوءِ فيصلو محفوظ ڪري ورتو.درخواستن ۾ ڄمون ۽ ڪشمير کي ڄمون ۽ ڪشمير ۽ لداخ ۾ ورهائڻ کي به چئلينج ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو