غوثپور (عبدالنبي ملڪ) غوثپور. ايس ايس پي ڪشمور محمد مراد گهانگهرو جي حڪم تحت ڪشمور ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي پوليس جو اسپيشل ٽيم جي سبحان سيال جي اڳواڻي ۾ جمال واري علائقي ۾ گهربل روپوش جوابدارن جي گرفتاري لاءِ آپريشن ڪيو پيو وڃي آپريشن بھلڪاڻي ۽ نندواڻي گينگ خلاف ڪيو پيو وڃي گهربل جوابدارن پوليس جي گاڏين کي ڏسندئي پوليس موبائيلن مٿان سڌي فائرنگ ڪري ڏني پوليس پاران به جوابي فائرنگ ۽ ڊرون حملا ڪيا ويا آهن پوليس جو چوڻ آهي ته جمال واري علائقي ۾ رهندڙ دهشت جي علامت بڻيل بھلڪاڻي ۽ نندواڻي گينگ جي ڏوهارين جي ٿاڪن کي باهيون ڏئي ساڙي ڇڏيو آهي جڏهن ته پوليس جو چوڻ آهي ته پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ ٽي ڏوهاري پڻ زخمي ٿيا آهن ٻي پاسي ايس ايس پي ڪشمور محمد مراد گهانگهرو جو چوڻ آهي ڏوهارين جو گهيرو تنگ ڪيو ويو آهي ڪشمور ضلعي جي پوليس جو جمال واري علائقي ۾ جوابدارن جي گرفتاري تائين آپريشن جاري رهندو










