ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ پاڻي جي ٽينڪر ۽ ڪار جي ٽڪر ۾ هڪ نوجوان ۽ هڪ عورت فوت ٿي ويا.ريسڪيو اختيارين موجب، بنارس چوڪ ويجهو پاڻي جي ٽينڪر جي ٽڪر ۾ هڪ نوجوان موقعي تي فوت ٿي ويو. انهن چيو ته ٽينڪر جي ٽڪر ۾ فوت ٿيندڙ نوجوان جي سڃاڻپ 25 سالن جي شاڪر الله جي نالي سان ڪئي وئي آهي، جيڪو هڪ مسافر هو.پوليس چيو ته حادثي جو ذميوار ڊرائيور پاڻي جي ٽينڪر کي ڇڏي فرار ٿي ويو، پر پوليس ٽينڪر کي پنهنجي قبضي ۾ وٺي ڇڏيو آهي ۽ پوليس ان حوالي سان وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي.ميمن ڳوٺ ۾ ٽريفڪ حادثي دوران هڪ عورت فوت ٿي وئي ۽ سندس لاش ايڌي رضاڪارن اسپتال پهچايو. ريسڪيو اختيارين چيو ته حادثو ميمن ڳوٺ داس چوڪ جي ويجهو پيش آيو جڏهن هڪ نامعلوم تيز رفتار گاڏي ان کي ٽڪر هنيو.انهن چيو ته فوت ٿيل عورت جي سڃاڻپ 55 سالن جي الله بچي علي محمد جي نالي سان ڪئي وئي آهي ۽ هوءَ هڪ مسافر هئي. هوءَ روڊ ڪراس ڪندي حادثي جو شڪار ٿي وئي، پر مقتول جا مائٽ سندس لاش هڪ خانگي اسپتال مان گهر کڻي ويا.










