ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) شهر جي مکيه ڪاروباري مرڪز آءِ آءِ چندري ڳڙهه روڊ تي ڪار ۽ موٽرسائيڪل جي ٽڪر ۾ ٻه ماڻهو فوت ٿي ويا.شروعاتي رپورٽن موجب فوت ٿيندڙ ٻئي موٽرسائيڪل سوار تيز رفتار ڪار جو شڪار ٿيا ۽ حادثي کان پوءِ سخت زخمي ٿي پيا. حادثي جي اطلاع ملندي ئي ريسڪيو 1122 جون ٽيمون فوري طور تي واقعي واري هنڌ پهچي ويون ۽ زخمين کي ويجهي اسپتال منتقل ڪيو.بدقسمتي سان زخمين مان هڪ گهڻو رت وهڻ سبب موقعي تي فوت ٿي ويو، جڏهن ته ٻيو اسپتال پهچڻ کان پوءِ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو. فوت ٿيندڙن جي شروعاتي سڃاڻپ علي ۽ زبير جي نالي سان ڪئي وئي آهي.










