ڪراچي،ڀتا خورن جي  بلڊر جي آفيس ۾ فائرنگ ، ملازم زخمي

ڪراچي،ڀتا خورن جي بلڊر جي آفيس ۾ فائرنگ ، ملازم زخمي

ڪراچي )اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي گارڊن ويسٽ علائقي ۾ فائرنگ ۾ هڪ شخص زخمي ٿي پيو.ڪراچي جي گارڊن ويسٽ علائقي جي چيئرمين آباد حسن بخشي جو چوڻ آهي ته هڪ بلڊر جو ملازم ڀتا خورن جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيو. ڪراچي ۾ ڀتا خوري جا واقعا وڌي رهيا آهن، ۽ انهن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.ڪيس جي ايف آءِ آر موجب، موٽرسائيڪل تي سوار ٻن جوابدارن ڀتا خوري جي پرچي ڏني ۽ اندر ويا ۽ فائرنگ ڪئي. جوابدار جي فائرنگ ۾ ملازم ساجد زخمي ٿي پيو.

پهنجو تبصرو موڪليو