ڪراچي،رهائشي عمارت ۾ گئس سلنڊر ڌماڪو، 16 ڄڻا فوت

ڪراچي،رهائشي عمارت ۾ گئس سلنڊر ڌماڪو، 16 ڄڻا فوت

ڪراچي)اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ هڪ عمارت ۾ گئس سلنڈر ڌماڪي سبب فوتين جو انگ 16 ٿي ويو آهي.پوليس موجب، ڪراچي جي سولجر بازار واري علائقي ۾ صبح جو 4 وڳي هڪ عمارت ۾ گئس سلنڈر ڌماڪو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ عمارت جو هڪ حصو ڪري پيو. حادثي جي اطلاع ملندي ئي پوليس علائقي کي گهيري ورتو ۽ سيڪيورٽي سخت ڪري ڇڏي، ۽ ريسڪيو ادارن سرچ آپريشن شروع ڪيو.ريسڪيو عملدارن جو چوڻ آهي ته عمارت ٽن منزلن تي مشتمل آهي ۽ هر منزل تي هڪ ڪمرو آهي. تنگ گهٽين جي ڪري ريسڪيو آپريشن ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن.ريسڪيو عملدارن موجب، حادثي واري هنڌ تي ريسڪيو آپريشن جاري آهي ۽ هن وقت تائين 16 لاش ڪڍيا ويا آهن، جن ۾ 4 ٻار ۽ 6 عورتون شامل آهن، جڏهن ته 12 کان وڌيڪ زخمين کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.ڊي جي ريسڪيو 1122 برگيڊيئر واجد جيو نيوز کي ٻڌايو ته گئس ڌماڪو عمارت جي پهرين منزل تي ٿيو. ڌماڪو گيس سلنڈر يا گيس ڪڍڻ واري مشين جي ڪري ٿيو، جنهن مان هاڻي تائين 7 لاش ڪڍيا ويا آهن، جن ۾ هڪ عورت ۽ هڪ ڇوڪري جا لاش به شامل آهن. ڊي جي چيو ته خدشو آهي ته ملبي هيٺان وڌيڪ ماڻهو دٻجي سگهن ٿا، جنهن لاءِ بچاءُ آپريشن جاري آهي. اسان وٽ ننڍين عمارتن لاءِ هڪ خاص اوزار آهي. اوزار جي مدد سان، اسان لوهه کي ڪٽيو آهي ۽ ملبو هٽايو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو