ڊگهڙي: (ن س) ڊگھڙي کان ڪوٽ غلام محمد دعوت تي ويندڙن سان روڊ حادثو پيش آيو آهي جنهن نتيجي ۾ نينگر فوت جڏهن ته 3 زخمي ٿي پيا آهن.ڪوٽ غلام محمد ڀرسان ڊگھڙي روڊ لاهوتي چؤنڪ تي موٽرسائيڪل سلپ ٿيڻ ڪري ٽرڪ ھيٺان اچي 8 ورهين جو نينگر پون ڪمار چيڀاٽجي فوت ٿي ويو، جڏهن ته سندس والد، والدہ ۽ ڀيڻ معجزاڻي طور بچي ويا!انهي حوالي سان ٻڌايو پيو وڃي ته پون ڪمار والد سوائي ڪولھي، والده ۽ ڀيڻ ڊگھڙي کان ڪوٽ غلام محمد دعوت ۾ اچي رھيا ھئا ته رستي ۾ ھي حادثو پيش آيو! مائٽن جون هانءُ ڏاريندڙ رڙيون! پوليس پاران ٽرڪ پنھنجي تحويل هيٺ وٺي ڇڏِي!ڪوٽ غلام محمد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي سرڪاري اسپتال منتقل ڪيو ۽ ٽرڪ کي پنھنجي تحويل هيٺ وٺي ڊرائيور گرفتار ڪري ورتو ٽرڪ ڊرائيور جو نالو اشرف بليدي نوشهروفيروز جو رھائشي ٻڌايو پيو وڃي. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو ھو.










