ڀارتي هوائي فوج جو تربيتي جهاز ڪريش، 2 پائليٽ مارجي ويا

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ)ڀارتي هوائي فوج جو تربيتي جهاز اڏام دوران ڪري تباهه ٿي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ جهاز ۾ سوار ٻه پائليٽ مارجي ويا.ڀارتي ميڊيا موجب حادثو تلنگانا رياست جي ميدڪ ضلعي ۾ پيش آيو، تربيتي جهاز حيدرآباد جي ايئر فورس اڪيڊمي کان معمول جي تربيتي اڏام لاءِ روانو ٿيو هو. ۽ اڏام دوران جهاز کي هوا ۾ حادثو پيش آيو، جنهن جي نتيجي ۾ ٽرينر ۽ ٽرين پائلٽ فوت ٿي ويا.ڀارتي هوائي فوج حادثي جي تصديق ڪندي چيو آهي ته پي سي سيون ايم ڪي جهاز سورتي طرف ڪري تباهه ٿي ويو، جنهن ۾ ٻئي پائليٽ سخت زخمي ٿي پيا، جنهن سبب هو بچي نه سگهيا.ڀارتي هوائي فوج حادثي جا سبب معلوم ڪرڻ لاءِ فوري طور تي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.ڀارتي ميڊيا موجب حادثي ۾ ملوث جهاز سنگل انجڻ وارو جهاز آهي جيڪو هوائي فوج جي بنيادي تربيت لاءِ استعمال ٿيندو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو