پي ايس 9 , ضمني اليڪشن ۾ آغا شهباز دراني ڪامياب قرار

پي ايس 9 , ضمني اليڪشن ۾ آغا شهباز دراني ڪامياب قرار

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) اليڪشن ڪميشن سنڌ اسيمبلي جي تڪ پي ايس 9 شڪارپور جي ضمني چونڊ جي نتيجن جو باضابطه اعلان ڪري ڇڏيو آهي ۽ فارم 47 جاري ڪري ڇڏيو آهي.اليڪشن ڪميشن موجب، ريٽرننگ آفيسر فارم 47 جاري ڪيو، جنهن مطابق پاڪستان پيپلز پارٽي جي اميدوار آغا شهباز خان دراني کي ڪامياب قرار ڏنو ويو، جڏهن ته جي يو آءِ پاڪستان جي مولانا راشد الله شاهه ٻئي نمبر تي رهيا.آغا شهباز خان دراني 72,964 ووٽ حاصل ڪري پهرين پوزيشن حاصل ڪئي، جڏهن ته جي يو آءِ اميدوار مولانا راشد الله شاهه 9,489 ووٽ حاصل ڪري ٻئي نمبر تي رهيا. 178 پولنگ اسٽيشنن ۾ ڪل 88,017 ووٽ ڪاسٽ ڪيا ويا.اليڪشن ڪمشنر سنڌ جي ترجمان موجب، پي ايس 9 شڪارپور جي ضمني چونڊ ۾ ووٽن جو سيڪڙو 31.68 سيڪڙو هو.ياد رکڻ گهرجي ته هي سيٽ آغا سراج دراني جي وفات سبب خالي ٿي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو