حيدرآباد (رپورٽر) صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوھو جي صدارت هيٺ سرڪٽ هائوس ۾ کليل ڪچھري، ڪچھري ۾ شھرين جو وڏو انگ شريڪ ٿيو آھي.کليل ڪچھري ۾ ميئر ڪاشف شورو، ايس ايس پي حيدرآباد عديل چانڊيو، ايم ايس ارشاد ڪاظمي سميت مختلف ادارن جا عملدار شريڪ ٿيا آھن. کليل ڪچھري ۾ سول سوسائٽي جا نمائندا، ،واپاري ۽ شھرين به وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، شھرين جون اسپتالن ۾ سھولتن جي کوٽ ،ڊاڪٽرن جي اڍنگي روين سميت منشيات ۽ وڌندڙ ڏوھي وارداتن ۽ ٻين مسئلن خلاف دانھون، شهرين مختلف ادارن خلاف به شڪايتن جا ڍير لڳائي ڇڏيا کليل ڪچهري ۾ ڳالهيون ڪندي صوبائي وزير عذرا پيچوھو چيو ته ماڻھن جا مسئلا ٻڌا آهن، لاڳاپيل عملدارن کي حل ڪرڻ جون ھدايتون جاري ڪيون آهن. ڊاڪٽر عذرا پيچوهو چيو ته عوام جي مسئلن کي اوليت جي بنياد تي حل ڪيو ويندو، ڪنهن به قسم جي ڪابه ڪوتاهي برداشت نه ڪنداسين. عوام کي انصاف ضرور ملندو هن چيو ته پيپلز پارٽي ھميشا عوامي ڀلائي لاء جاکوڙيو آھي، عوام جي مسئلن کي اوليت جي بنياد تي حل ڪيو ويندو،کليل ڪچھرين جو مقصد عوام سان سڌو رابطي ۾ رھڻ جو وسيلو آھي، چاھيون ٿا ته ماڻھو پنهنجا مسئلا ٻڌائين جنهن کي اسان جلد کان جلد حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين.










