ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ پوليس کي پي ٽي آءِ اڳواڻ عثمان ڊار جي گمشدگي جو ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ عثمان ڊار جي گرفتاري ۽ گمشدگي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.سنڌ هاءِ ڪورٽ پوليس کي ڪيس داخل ڪري 3 آڪٽوبر تي رپورٽ پيش ڪرڻ جو پڻ حڪم ڏنو آهي.پوليس پاران عدالت کي ٻڌايو ويو ته درخواستگذار ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ نه پهتو.درخواستگذار جي وڪيل بئريسٽر علي طاهر عدالت کي ٻڌايو ته عثمان ڊار جي گمشدگي بابت درخواست پهرين ڏينهن ئي جمع ڪرائي هئي.پبلڪ پراسيڪيوٽر چيو ته درخواستگذار چاهي ته پوليس کي پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرائي سگهي ٿو، عثمان ڊار پوليس جي حراست ۾ ناهي.درخواستگذار جي وڪيل بئريسٽر علي طاهر چيو ته سنڌ جي نگران گهرو وزير هڪ ٽي وي پروگرام ۾ اعتراف ڪيو آهي ته عثمان ڊار پوليس جي حراست ۾ آهي، هاڻي پوليس چوي ٿي ته عثمان ڊار کي حراست ۾ ناهي ورتو ويو.










