ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي علائقي ملير 15 ويجهو پاڻي جي ٽينڪر جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل سوار ٻه ماڻهو زخمي ٿي پيا.پوليس موجب، ڊرائيور پاڻي جي ٽينڪر کي ڇڏي فرار ٿي ويو، جڏهن ته زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.پوليس جو چوڻ آهي ته زخمين جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي.










