پاڪستان ۾ موسمياتي تبديليءَ کان وڏو ڪو به خطرو ناهي: جج

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس منصور علي شاهه چيو آهي ته پاڪستان ۾ موسمياتي تبديليءَ کان وڌيڪ ڪو به خطرو ناهي.سپريم ڪورٽ ۾ موسمياتي تبديلي اٿارٽي جي قيام بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.ٻڌڻي جي شروعات تي جسٽس اطهر من الله چيو ته سوشل ميڊيا لاءِ ڪو قانون ناهي، هڪ اٿارٽي ٺاهي وئي آهي.جسٽس منصور علي شاهه چيو ته موسمياتي تبديلي ايڪٽ 2017ع پاڪستان لاءِ وڏو خطرو ۽ بنيادي حقن جو معاملو آهي، ايترا سال گذرڻ باوجود اٿارٽي قائم ناهي ٿي سگهي، اٽارني جنرل اچي پوءِ ڏسنداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو