پاڪستان ۽ يو اي اي وچ ۾ نئين دور جي شروعات،معاهدن تي صحيحون

پاڪستان ۽ يو اي اي وچ ۾ نئين دور جي شروعات،معاهدن تي صحيحون

دبئي (ويب ڊيسڪ)نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته گڏيل عرب امارات (يو اي اي) ۽ پاڪستان وچ ۾ اقتصادي سهڪار جو نئون دور شروع ٿي ويو آهي.يو اي اي مان پنهنجي خاص پيغام ۾ نگران وزيراعظم چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ اربين ڊالرن جي مفاهمتي ياداشتن (ايم او يوز) تي صحيحون ڪيون ويون آهن.هن چيو ته شيخ زايد 70 جي ڏهاڪي ۾ پاڪستان ۽ يو اي اي جي دوستي جو بنياد رکيو.انوار الحق ڪاڪڙ وڌيڪ چيو ته اڄ شيخ محمد بن زيد النهيان ٻطرفن لاڳاپن کي نئون رخ ڏنو آهي.هن چيو ته يو اي اي ۽ پاڪستان وچ ۾ اقتصادي سهڪار جي نئين دور جو آغاز ٿي چڪو آهي.نگران وزيراعظم اهو به چيو ته علائقائي استحڪام ۽ اسٽريٽجڪ تعاون به پاڪ امارات لاڳاپن ۾ نئين دور جي شروعات آهي.هن چيو ته آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير گڏيل سهڪار جي يادداشت تي صحيحن واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي.انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته معاهدي تي صحيحن واري تقريب ۾ وفاقي وزيرن ۽ يو اي اي جي وزيرن به شرڪت ڪئي.هن چيو ته ايم او يوز جا پاڪستان جي معيشت تي مثبت اثر جلد سامهون ايندا.

پهنجو تبصرو موڪليو