پابندي مڙهيل تنظيم جو ڪمانڊر قتل، مقابلي ۾ ڪيپٽن شهيد

پشاور(ويب ڊيسڪ) ٽانڪ ۾ سيڪيورٽي فورسز سان مقابلي ۾ پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان جو ڪمانڊر خوازه دين عرف شير خان مارجي ويو، هڪ ڪيپٽن شهيد ٿي ويو .آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز طرفان دهشتگردن جي موجودگي واري اطلاع تي ٽانڪ ۾ آپريشن ڪيو ويو. آءِ ايس پي آر موجب آپريشن ۾ ٽي ٽي پي جو ڪمانڊر خوازه دين عرف شير خان مارجي ويو آهي، جڏهن ته دهشتگردن جي فائرنگ ۾ پاڪ فوج جو ڪيپٽن سڪندر شهيد ٿي ويو. آءِ ايس پي آر موجب دهشتگردن جي ٺڪاڻن مان هٿيار ۽ بارودي مواد هٿ ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو