ٺٽو،مسافر ڪوچ جي ٽڪر لڳڻ سبب عورت فوت

ٺٽو،مسافر ڪوچ جي ٽڪر لڳڻ سبب عورت فوت

ٺٽو(ن س) گُجو لڳ مين قومي شاهراھ تي پاڻي ڀرڻ لاء ويندڙ عورت کي تيز رفتار مسافر ڪوچ جو ٽڪر عورت سڪينا زال گلشير ڪاتيار تڏي تي فوت ٿي وئي فوت ٿيل عورت جي وارثن ۽ ڳوٺ علي محمد ڪاتيار جي رهواسي ڳوٺاڻن احتجاج ڪندي گُجو لڳ ڪاتيار اسٽاپ وٽ ٺٽو ڪراچي قومي شاهراه تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو اسان جي ڳوٺ علي محمد ڪاتيار ۾ پيئڻ جي پاڻي جي ڪابه سهولت ميسر ناهي واٽر سپلاء اسڪيم ناڪاره بڻيل آھن جنهن سبب اسان جون عورتون مجبور ٿي مين قومي شاهراه ڪراس ڪري ڪي ڊي اي واھ مان پاڻي ڀرين ٿيون پاڻي جو مسئلو مستقل بنيادن تي حل ڪرايو وڃي, احتجاج ڪندڙ ڳوٺاڻا ٻئي طرف تيز رفتاري سبب عورت کي ٽڪر هڻي فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪندڙ مسافر ڪوچ کي پوليس پڪڙي ڊرائيور کي گرفتار ڪري ورتو آھي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو